تحفتة المرشدين

تحفتة المرشدين

تحفتة المرشدين

تحفتة المرشدين (ڪتاب):’تحفة المرشدين لِهدايت المريدين‘ پير سائين سيد شاهه مردان شاهه اول ’ڪوٽ ڌڻي‘ جا حُر جماعت جي اصلاح ۽ هدايت لاءِ مختلف وقتن تي لکيل 5 ڪتابڙا، هڪ جلد ۾ ترتيب ڏئي حافظ محمد يوسف ڀنڀري سڪندريءَ، پهريون ڇاپو مدرسي صبغة الهديٰ، شاهپور چاڪر طرفان شايع ڪرايو هو. ساڳئي ڪتاب جو هي ٽيون ڇاپو آهي، جيڪو حافظ محمد يوسف ڀنڀري سڪندريءَ جي ترتيب سان سڪندريه پبليڪيشن، جامعه راشديه درسگاهه مبارڪ پير سائين پاڳاري، خيرپور پاران آگسٽ 2000ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي ابتدا ۾ پير پاڳارا خاندان جو شجرو ۽ پير سائين ڪوٽ ڌڻي جي مختصر سوانح حيات به ڏني وئي آهي، هن ڪتاب ۾ هيٺيان پنج رسالا شامل آهن: (1) بيعت نامه لهدايت المريدين، (2) قاطع البدعت في انتباهه الغافلين، (3) برڪات النڪاح و آفات الزنا، (4) الزڪات الواجب علي الموسرين ۽ (5) تنبيهه الابطله في حرمت مال ربويه.

ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪل 200 صفحا شامل آهن، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي. هي ڪتاب حُر مريدن جي اصلاح ۽ هدايت بابت هڪ اهم ڪتاب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو